جتوئي آصف مصطفيٰ

جتوئي آصف مصطفيٰ: آصف مصطفيٰ جتوئي، اڳوڻي نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ خان جتوئي جو چوٿون نمبر فرزند آهي، 15 آڪٽوبر 1969ع ۾ ڄائو. سندس تعليم بي. اي ڪميونڪيشن آهي، جيڪا ڪيليفورنيا، آمريڪا مان ڪيائين، آصف مصطفيٰ جتوئي 12 مارچ 2002ع کان 2009ع تائين سينيٽر رهيو. ان عرصي ۾ علائقي جي ترقياتي ڪمن ۾ وڏي دلچسپي ورتائين. هن وقت هو ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي. سندس بنيادي دلچسپي زراعت ۽ ڪاروبار ۾ آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو